اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ جمعي ڏينهن قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جاري ڪندو. پاليسي جو مرڪزي فريم ورڪ شهرين کي بينادي سهولتن جي ??را??مي ۽ معاشي سيڪيورٽي آه?? ته جيئن پاڪستان کي اقتصادي طور تي محفوظ ۽ مستحڪم بڻائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان ڪلاسيفائيڊ قومي سلامتي پاليسي جي پبلڪ ويزن جاري ڪندو جيڪو پاڪستان جيڪا قومي سلامتي پاليسي جي پهرين دستاويز آه??. قومي پاليسي سلامتي جاگرافيائي حڪمت عملي تي ڌيان ڏيندي جيو اڪنامڪ ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏي ٿي ته گڏيل احترام ۽ هڪجهڙي خودمختياري جي بيناد تي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ فوجي صلاحيت جو اولين مقصد خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام آه??، پاليسي جي جوڙجڪ جي عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڪيتريون ئي مشاورتون ڪيون ويون ۽ قومي سلامتي جي ماهرن سميت 600 کان وڌيڪ ماڻهن کي راءِ حاصل ڪئي وئي. وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو ته اسان جي قومي سلامتي جي سوچ اقتصادي وسيلن جي فروغ جي ذريعن جي نشاندهي ڪري ٿي ته جئين پاڪستان جي روايتي ۽ غير روايتي سلامتي کي بيڪ وقت مضبوط بڻائي سگهجي، قومي سلامتي پاليسي جي اهم مقصدن ۾ قومي هم آه??گي معاشي مستقبل جو تحفظ، دفاع ۽ علائقائي سالميت، داخلي سلامتي، بدلجندڙ دنيا سان هم آه??گ پرڏيهي پاليسي ۽ انساني سلامتي شامل آه??. ان پاليسي جو مقصد پاڪستان جي ترقي يافته ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن جي وچ ۾ اقتصادي، ٻاهرين عدم توازن، سماجي ۽ اقتصادي اڻ برا??ري ۽ جاگرافيائي فرق جهڙن ٽي سنگين چئلينجز کي ختم ڪرڻ آه??، دستاويز ۾ زور ڏنو ويو آه?? ته پاڪستان جي دفاع ۽ علائقائي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ خلائي ٽيڪنالاجي ۽ ان جو استعمال ۽ انفارميشن ۽ سائبر سيڪيورٽي جي فروغ جي ذريعي هائبرڊ وار افيئر جو مقابلو ڪيو ويندو. داخلي سلامتي جي حوالي سان پاليسي ۾ رياست جي رٽ کي يقيني بڻائڻ، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ پرتشدد روين ۽ قومي بنيادن تي فرق کانسواءِ خلاف عدم برداشت ۽ منظم ڏوهن جي لعنت جي خاتمي تي زور ڏنو ويو آه??، قومي سلامتي پاليسي عالمي سطح تي پاڪستان جي مفاد ۽ موقف جو دفاع ڪندي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي تڪرار جو منصفاڻو ۽ پرامن حل ملڪي سلامتي جي لاءِ اهم قرار ڏنو ويو آه??، قومي سلامتي جي پاليسي جي دستاويزن ۾ نوجوانن تي مرڪوز پاليسين تي عمل پيرا ٿيڻ، غذائي تحف?? جي ضمانت ڏيڻ، بنيادي صحت جي تحفظ کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ويو آه??.