اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي پارل??ام??ني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ ملاقات ڪئ?? جنهن ۾ قانون سازي، قومي اسيمبلي جي ايجنڊا ?? گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات ۾ طئي ٿيو ??ه فنانس ترميمي بل تي مخالف ڌر کي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو ڀرپور موقعو فراهم ڪيو ويندو ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ التوا ۾ پيل بلن جي جلد منظوري لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويندا. اسپيڪر چيو ??ه قومي اسيمبلي عوامي مسئلن جي حل ۽ ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندي ۽ آئين ۾ مقرر 130 ڏينهن کي پورو ڪيو ويندو. هن جو چوڻ ??و ته قومي اسيمبلي عوامي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.