اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ڪاروباري برادري کي سازگار ماحول فراهم ڪ??ڻ لاءِ پرعزم آهي، حڪومتي قدمن ۽ موثر پاليسين جي ڪري پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صنعت ۽ تجارت اسلام آباد جي وفد سان ??الهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ملڪ ۾ صنعتي شعبي جي فروغ لاءِ قدم ک??يا پيا وڃن، حڪومت ڪاروباري برادري کي سازگار ماحول فراهم ڪ??ڻ لاءِ پرعزم آهي. حڪومتي قدمن ۽ موثر پاليسين جي بدولت پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته حڪومت پاران ??ورونا وائرس جي وبا دوران ??اروباري طبقي کي رليف راهم ڪرڻ احسن قدم هو، وفد صدر کي پنهنجي مسئلن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، صدر وفد کي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي مدد جي خاطري ڪرائي.