اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گلوبل??ئي??يشن دنيا کي متحد ڪري ڇڏيو آهي، گلوبل??ئي??يشن جي ڪري سيڪيورٽي اندروني امن سان مشروط آهي ۽ پاڪستان امن ۽ استحڪام چاهي ٿو. اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان امن ۽ استحڪام چاهي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته دني?? جيو پوليٽڪس کان جيو اڪنامڪس طرف وڌي رهي آهي اسان نئين دور ۾ امن سا?? اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ترقي ۽ امن جو حصيدار آهي، اسان روايتي حصيداري کان به اڳتي جا لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ وڏو ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿيندو، اسان خطي ۾ غربت ۽ تعليم جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جو سپر سونڪ ميزائيل پاڪستان ۾ ڪرڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي. ڀارتي ميزائيل جي ڪ??ي خطي ۾ سيڪيورٽي مسئلا جنم وٺي سگهيا پئي.