لاهور – 08 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جي ??عمير ۾ معاونت ڪندڙن دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي ڪمائي، اسپتال جي ??عمير انسانيت جي ??مام وڏي خدمت آهي. هو لاهور ۾ ڪينال روڊ تي سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي خواجه عمران نذير، چيئرمين سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال شهزاد سليم، ناليوارو صنعتڪار ميان منشا، ڪمشنر لاهور ڊويزن ڪيپٽن (ر) محمد عثمان يونس سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت چئني صوبن مان هزارين ماڻهو ايندڙ ڏينهن ۾ ان اسپتال مان فائدو کڻندا، جديد اوزارن سان ليس ان اسپتال ۾ مستحق مريضن جو علاج مفت ۾ ڪيو ويندو. ??زي??اعظم چيو ته گذريل حڪومت ۾ عوامي ڀلائي جا منصوبا دير جو شڪار ٿيا، اسان کي ذاتي مفاد کان مٿانهون ٿي قوم جي ??هتري لاءِ سوچڻو پوندو، ملڪي وسيلن کي ذاتي پسند ۽ ناپسند جي ور نه ٿو چاڙهي سگهجي، ورڇ جوڳي اوڳاڙين ۽ ٻاهرئين قرضن جي ??دائيگي کانپوءِ وفاقي حڪومت وٽ محدود وسيلا رهجي وڃن ٿا، 20 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور ٽرانس پلانٽ انسٽيٽيوٽ کي تعطل ۾ وڌو ويو. ??زي??اعظم چيو ته ماضي ۾ انهن جي ??ڪومت 1122 منصوبي کي اختيا?? ڪيو، اسان جو فوڪس عوام جي ??رقي ۽ خوشحالي هجڻ گهرجي. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو ته چئني صوبن ۾ اهڙين سهولتن سان ليس اسپتالون تعمي?? ڪيون وڃن، ميان محمد منشا هڪ ناليوارو صنعتڪار آهي، سندس وڏو احترام آهي. ??زي??اعظم چيو ته ٽرسٽ جي چيئرمين سليم شهزاد جي والد مرحوم پڻ اسڪول ۽ هيلٿ يونٽ ٺاهيا، ڏکويل انسانيت ۽ مريضن جي لاءِ صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪري اهي ماڻهو جنت ۾ گهر ٺاهي رهيا آهن، جيڪو صدقه جاريه به آهي. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو ته اربين رپيا خرچ ڪري پي ڪي ايل آئي اسپتال جي ??عمير ڪئي وئي ۽ اسپتال ۾ ورلڊ ڪلاس مشينري فراهم ڪئي وئي، هتي پنجاب سميت سڄي ملڪ مان هزارين مريضن جو علاج مهيا ڪيو پئي ويو جيڪو سياست جي ور چڙهي ويو، حڪومت تبديل ٿيڻ کانپوءِ اها هڪ دردناڪ ڪهاڻي آهي، ڊاڪٽر سعيد اختر هڪ فرشته صفت انسان آهي، هتي ڊاڪٽرز ۽ فزيشنز کي ڀڄايو ويو جنهن سان لکين مريضن جو نقصان ٿيو. ??زي??اعظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته ناليواري صنعتڪار ميان منشا جو پاڪستان جي ??رقي ۾ اهم رول آهي، هن پاڪستان ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي، هو ان کي تجويز ڏي ٿو ته اهڙي قسم جون 4 اسپتالون پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به ٺاهي جنهن تي ميان منشا وڌيڪ اسپتالون ٺاهڻ جي ??امي ڀري. ان کان اڳ ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جو افتتاح ڪيو ۽ اسپتال ۾ دل جي مرض، گڙدن، ڪينسر سميت مختلف شعبن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ??زي??اعظم سان سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جي چيئرمين شهزاد سليم اسپتال جي ڊاڪٽرن، عملي ۽ مهمانن جو تعارف ڪرايو. سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال ڇهه منزلا عمارت جديد مشينري سان ليس 350 بسترن تي ٻڌل اسپتال تي ساڍا چار ارب رپيا لاڳت آئي آهي.