اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف کنڊ جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته پهرين عوام جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وز??را??ظم شهباز شريف ملڪ ۾ کنڊ جو ذخيرو ۽ قيمت مستحڪم رکڻ لاءِ کنڊ جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته پهرين عوام جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي ۽ کنڊ جي قيمت کي مستحڪم ڪيو وڃي. وز??را??ظم اسمگلنگ جي خلاف سخت قدمن جو به حڪم ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته ذخيرو ڪندڙن، ناجائز منافعو ڪمائيندڙن ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو وڃي. وز??را??ظم لاڳاپيل ادارن کي پنهنجي حڪمن تي موثر عملدرآمد کان مسلسل آگاهه ڪرڻ جي به ه??ايت ڪئي. وز??را??ظم خبردار ڪيو ته ان سلسلي ۾ غفلت ۽ ڪوتاهي ٿي ته لاڳاپيل آفيسر ۽ عملو ذميدار هوندو.