اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي نئين حڪومت جي فوري ترجيح ملڪ کي درپيش سنگين اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا جي ??وري جي موقعي تي نيويارڪ ۾ دوست ملڪن جي ??فيرن جي ??جلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ??فير منير اڪر?? پاران ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان سمورن ترقياتي حصيدارن ۽ ڀائر اسلامي ملڪن ??ان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ??ريعي انهن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي ??ميد رکي ٿو، مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سعودي عرب، مراڪش، آذربائيجان، ايران، عمان، اٽلي، مالٽا، ايڪواڊور، مصر، انڊونيشيا، متحده عرب امارات ۽ ڪويت جا سفير به شامل هئا. پرڏيهي وزير پنهنجي ??يمارڪس ۾ عالمي ۽ علائقائي مسئلن جي ??والي ??ان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ??رجيحن جو به خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ورتحال، سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن کانسواءِ مهانگائي ۽ خوراڪ جي ??فاظت، ڪووڊ – 19 جي وبا، معاشي صورتحال ۽ موسمياتي تبديلي شامل آهن.