ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بلو??ست??ن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 24 ڪلاڪن جي اندر معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موجوده چئلينج تم??م وڏو آهي، متاثرين جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا پهچڻ تي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي بريفنگ دوران ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، هائوسنگ وارو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين ۽ منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، بجلي وارو مملڪتي وزير مير هاشم نوتيزئي، قومي اسيمبلي جو ميمبر صلاح الدين ايوبي ۽ اين ڊي ايم اي جو چي??رمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڪوئيٽا پهچڻ تي وزيراعظم کي بلو??ست??ن جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي ۽ اين ڊي ايم اي جي چي??رمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز بلو??ست??ن ۾ تازين برساتن جي نقصانن ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي بلو??ست??ن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي وارثن کي معاوضي جي رقم 24 ڪلاڪن جي اندر ادا ڪرڻ ۽ جزوي يا مڪمل تباهه ٿيندڙ ڪچن ۽ پڪن گهرن جي معاوضن کي به گڏ ڪري ۽ وڌائي 5 لک رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جو قومي الميو آهي ته ڊيمن جي وقت سر تعمير تي ڌيان نه ڏنو ويو، موجوده چئلينج تم??م وڏو آهي پر اسان متاثرين جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته بحالي ۽ امداد جي لاءِ اين ڊي ايم اي، صوبائي انتظاميا ۽ اين ايڇ اي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپس جو ڄار وڇايو وڃي. وزيراعظم چيو ته غيرمعمولي برساتن سبب وسيع پئماني تي نقصان ٿيو. قيمتي انساني جانين جي نقصان سان گڏ انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو، وفاق ۽ بلو??ست??ن حڪومت قومي جذبي سان بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهن، جيستائين آخري گهر آباد نه ٿو ٿئي حڪومت سک سان نه ويهندي. وزيراعظم مقامي ۽ عالمي تنظيمن کي به ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ حڪومت جي مدد جي اپيل ڪئي. بلو??ست??ن جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي ۽ اين ڊي ايم اي جي چي??رمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز بريفنگ ۾ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته 13 جون تي برساتن جون پري مون سون سلسلو شروع ٿيو، 30 سالن جي سراسري جي ڀيٽ ۾ بلو??ست??ن ۾ اٽڪل 500 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هيستائين بلو??ست??ن ۾ فوتگين جو ڪل انگ 136 آهي، جڏهن ته 70 ماڻهو زخمي آهن، 1100 ماڻهو معمولي زخمي ٿيا جن کي فرسٽ ايڊ ڏني وئي، 2 لک ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي، 20 هزار 500 ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ويو، موٽروي ايم 8 ۽ ڪوئيٽا ڪراچي قومي رستو وڏي حد تائين بحال ڪيو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بلو??ست??ن جي دوري تي لاهور کان ڪوئيٽا پهچڻ تي هوائي اڏي تي بلو??ست??ن جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو استقبال ڪيو جڏهن ته صوبائي وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.