لا??ور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي والاريل ڄمون ۽ ڪشم??ر جي مسلمانن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. ڪشمير استحصال ڏ??اڙي جي موقعي تي جاري بيان ۾ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته ڀارت پاران ڪشم??ر جي مسلمانن کي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اسان کي هر پليٽ فارم تي ڪشم??ر جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻو آهي. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين عوام کي اپيل ڪئي ته اسان سڀني کي گڏجي ڪشمير ۽ ڀارت جي مسلمانن جي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته گڏيل قومون پنهنجي قراردادن موجب ان مسئلي کي حل ڪري ته جيئن ڪشميري آزادي سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن.