اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ فوجي جوانن جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اتر وزيرستان ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ 4 جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين پور?? قوم متحد ٿي ان جو مقابلو ڪندي رهندي ۽ دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي سان مقابلو ڪندي پ??هنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ انهن جوانن کي مون سميت پور?? قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم دع?? ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.