لاهور – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي دلي مبارڪب??د ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان لکين شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي، پاڪستان جي شهيدن جي بي مثال قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هي ڏينهن ڌرتي جي انه?? سمورن بهادر فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو موقعو آهي، جن ملڪ جي سرحدن جو دفاع ۽ حفاظت ڪندي جانيون قربان ڪيون. وڏي وزير آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آزاد وطن جو حصول قائداعظم جي ڏينهن رات جي محنت ۽ علامه اقبال جي خواب جي تڪميل آهي، آزادي جي ڏهاڙي تي ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين سان ي??جهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته آزادي جي نعمت جي تحفظ جي لاءِ معاشري ۾ گڏيل تعاون ۽ خيرسگالي کي فروغ ڏيڻو پ??ندو، اڄ اسان اهو وچن ورجايون ٿا ته اسان ثابت قدم رهنداسين ۽ قائداعظم جي ٻڌايل اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي مشعل کي پڪڙيندي هر چئلينج کي قبول ڪنداسين.