ڪنڊيان/ اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڻ پو??ڻ نبي پاڪ صه جي سنت آهي، پاڪستان جي لاءِ وڻڪاري ڪيتري اهم آهي، نوجوانن ۽ اسان جي ٻارن کي ان جو احس??س نه آهي، پاڪست??ن ۾ ٻيلن کي اکين سان تباهه ٿيندي ڏٺو، ڪنديان جي ٻيلن جو تحفظ مقامي ماڻهن جي ذميواري آهي، پنجاب جو وڏو وزير ٻيلن تي قبضو ڪندڙن کي جيل ۾ وجهي. ڪنڊي??ن ۾ گرين پاڪستان مهم تحت بهار موسم جي وڻڪاري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ آئون هتي هڪ خاص مقصد جي لاءِ آيو آهيان ڇو ته اسان جي ٻارن ۽ نوجوانن کي ان ڳالهه جو احس??س نه آهي ته پاڪستان جي لاءِ وڻڪاري ڪيتري اهميت رکي ٿي.