اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا وبا جي خلاف موجوده حڪومت جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي، عيدالا??حي?? جي موقعي تي ڪورونا وبا جي پکڙجڻ جو خدشو آهي، وزيراعظم عمران خان عيدالا??حي?? گهر ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ عوام کي به اپيل ڪئي آهي ته هو عيدالا??حي?? تي گهرن ۾ رهن، وزيراعظم جي غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي احساس پروگرام جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومت ڪورونا وبا ۽ موجوده م??اشي صورتحال ۾ متوا??ن بجيٽ پيش ڪئي آهي، شڪي لائسنس وارن 28 پائليٽس کي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي، جعلي لائسنس وارا سمورا پائليٽس پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ڀرتي ڪيا ويا، جلعي پائليٽن جي معاملي تي پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.