اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهي وزارت کان ڊي چوڪ تائين مذمتي واڪ ٿي جنهن جي قيادت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪئ??. واڪ ۾ ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، قومي سلامتي واري خاص معاون معيد يوسف پڻ شرڪت ڪئ??. وزيراعظم سيڪريٽريٽ کان صدر ڊاڪٽر عارف علوي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، سينيٽر فيصل جاويد ۽ پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئ??. وزيراعطم سيڪريٽريٽ کان ڊي چوڪ تائين ان مذمتي واڪ جي قيادت صدر عارف علوي ڪئ??. واڪ دوران مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لا??ِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئ?? وئي. واڪ ۾ سول س??سا??ٽي، ميڊيا ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئ??.