اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان امير ملڪن ک??ن غيرقانوني طور منتقل ٿيل ۽ ڦريل دولت فوري طور تي واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن کي چوري ٿيل سندن دولت واپس ??ئي وڃي، مني لانڊرنگ ۽ دولت جي چوري سان اسرندڙ ملڪن ۾ غربت وڌي رهي آهي، اها رقم بدعنوان اشرافيه هڙپ ڪري وڃي ٿي، ڪجهه مصلحتن جي ڪري امير ملڪ ڏوهاري سرگرمين جي خاتمي لاءِ سياسي ارادي جي قوت کان عاري آهن، ان عمل جو رستو نه روڪيو ويو ته امير ۽ غريب قو??ن جي وچ ۾ اڻ برابري وڌندي، دنيا ۾ عالمي بحران پيدا ٿيندو، مني لانڊرنگ ۽ انهن جي مدد ڪندڙن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن، ڀارت پاڪستان تي جيڪڏهن ڪا جارحيت ڪرڻ جي ڪوشش ??ئي ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، اسان ڀارت جي مسلسل جنگبندي جي خلاف ورزين ۽ اشتعال انگيزي جي باوجود صبر جو مظاهرو ڪيو آهي، ڪشمير کي صحيح طور تي نيوڪليئر فل??ش پوائنٽ چيو وڃي ٿو، اسان تنقيد جي باوجود ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پا??يس?? اختيار ??ئي ۽ ان جا لاڀائتا نتيجا مليا آهن، اس??ن غريب عوام سميت پنهنجي معيشت کي وڏي نقصان کان بچايو آهي. گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي 75 هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي کي هڪ ڀيرو ٻيهر خطاب ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.