حب – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ تحت پاڪستان ۽ چين جي پهرين گڏيل پاور پلانٽ جي منصوبي کي ملڪ جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه پاڪستان جي لاءِ وڏو موقعو آهي ۽ اسان ان تي اڳتي وڌي رهيا آهيون، بجلي جي منصوبن ۾ ٻارڻ جي مقامي ذريعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 1320 ميگاواٽ پيداواري صلاحيت واري چائنا حب پاور جنريشن پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.