اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، آزاد ميڊيا جمهوريت جي فروغ ۽ شهرين جا بنيادي ??سئلا اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪرد??ر ادا ڪري ٿي، صحافين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ جلد بل پارليامينٽ ۾ آندو ويندو، بدقسمتي سان مخالف ڌر صحافين جي پگهارن ۽ تحفظ بابت بل رد ڪيو جيڪا افسوسناڪ ??ال??ه آهي، ڪو به ادارو، سياسي پارٽي يا تنظيم پنهنجو پاڻ کي وقت جي گهرجن سان هم آهنگ نه ڪري سگهي اه?? پٺتي رهجي وڃي ٿي، صحافتي تنظيمون ۽ پريس ڪلبز پنهنجي ميمبرشپ جي عمل کي وڌيڪ شفاف بڻائين ته جيئن اهل ماڻهن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملي سگهي. هو مقامي هوٽل ۾ فريڊم آف دي ??ريس اينڊ ريزروليشن آف ميڊيا ڪرائسس سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.