اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته بلاول صاحب عوام توهان جي اصليت ڄاڻي چڪي آهي، بجيٽ جا ڪوڙا انگ ا??ر ٻڌائڻ توهان جي عادت بڻجي چڪي آهي، حڪومت مالي سال 22 -2021ع ۾ سڌا سنئوان نوان ٽيڪس ناهن لڳايا، عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو ته پهريون ڀيرو 40 کان 60 لک خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيه??رڻ جي لاءِ 5 لک روپيا بنا وياج جي قرض ڏنو پيو وڃي، انهن قدمن سان تقريبن اڍائي ڪروڙ ماڻهو مع??شي طور تي مستحڪم ٿيندا، هن چيو ته بلاول ٻڌائي ته اين ايف سي کان ملندڙ 16 سئو ارب روپين کان وڌيڪ جا فنڊ ڪٿي استعمال ٿيا.؟