اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪمران پارٽي اليڪشن ۾ شفافيت آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ڌانڌلي ڪندڙ راءِ ڏيڻ بدران راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۾ مصروف آهن. مريم ??ورنگزيب جي بيان تي ردعمل ڏيندي خاص معاون چيو ته شفافيت جي نالي کان ڀڄندڙ نااهلن جي لاءِ اليڪٽرانڪ سسٽم ڊيڄاريندڙ خواب آهي. هن ??يو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ ڇانگا مانگا سياست ڪندڙن جي تابوت ۾ آخري ڪِيل آهي. خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته نااهلن جو سياست ۾ ا??ڻ ڌوئنس ۽ ڌانڌلي جي ڪري ممڪن ٿيو. هن ??يو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪمران پارٽي اليڪشن ۾ شفافيت آڻڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهي آهي ۽ ڌانڌلي ڪندڙ راءِ ڏيڻ بدران راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۾ مصروف آهن.