مري – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءِ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان گرلز ??ائيڊ ايسوسيئيشن سڄي ملڪ جي ڇوڪرين کي بهترين تربيت فراهم ڪري کين معاشري جو مفيد شهري ب??ائ?? لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ??ان گڏوگڏ انهن جي ڪردار سازي به ضروري آهي، صحتمند ۽ تربيت يافته عورت نه رڳو گهر پر ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان گرلز ??ائيڊ ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ نيشنل سمر ڪيمپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪامياب سمر ڪيمپ جي انعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي، ڪيمپ ۾ شريڪ شاگردن جي عزم ۽ روشن چهرو پاڪستان جي باني جي ان خواب جي تعبير آهي جيڪا هن قيام پاڪستان لاءِ ڏٺو هو، گرلز ??ائيڊ کي ان ڪيمپ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي نکارڻ ۽ هڪٻئي کان سکڻ جو موقعو مليو آهي، هن چيو ته گرلز ??ائيڊ جي عالمي ميمبرن جو تعداد هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، ان تاريخ جو حصو بڻجڻ جو مقصد معاشري جي عورتن جي تعميري ڪردار کي فروغ ڏيڻ آهي. اها تحريڪ عورتن ۽ ڇوڪرين کي شهري جي حيثيت ??ان انهن جي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي. انهن جي هنرمندي، تعليم سميت ٻين شعبن ۾ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ نکارڻ جو موقعو ملندو آهي، انهن جي جسماني صحت ۽ تندرستي ??ان گڏوگڏ انهن جي اندر اعتماد ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي، هن چيو ته گرلز ??ائيڊ جي اها تحريڪ نوجوان ڇوڪرين کي صحتمند ۽ فعال رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اها تحريڪ ڇوڪرين کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ سماجي براين کي روڪٿام جي حوالي ??ان تربيت فراهم ڪندي آهي.