اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي امن جي قيام لاءِ اجتماعيت رکندڙ سياسي تصفيي جو حامي آهي، ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي، افغانستان ۾ ڊگهي ام?? لاءِ ناگزير آهي، افغانست??ن جي نئين سر تعمير ۽ افغانين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن بابت سربراهه جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران افغانست??ن جي بدلجندڙ صورتحال ۽ علائقائي امن ام??ن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه کي ٻڌايو ته ??ن جي جرمني، هالينڊ، بيلجيئم ۽ ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزيرن سان افعانست??ن جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان کي خوشي آهي ته افغانست??ن جي حوالي سان اس??ن جي نقطئه نظر ۾ هم آهنگي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغان شهرين جي جان ۽ مال ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. موجوده قيادت طرفان منظر عام تي ايندڙ تازه بيان حوصله افزا آهن. هن چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي افعانستان ۾ ڊگهي ام?? لاءِ ناگزير آهي. افغانستان ۾ امن جو قيام نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 90ع جي ڏهاڪي جي صورتحال کان بچڻ لاءِ افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن نازڪ موڙ تي افغانست??ن جي نئين سر تعمير ۽ افعانين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان افغانستان مان مختلف ??لڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي م ڀرپور معاونت فراهم ڪري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ يورپي يونين کي به هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان يورپي يونين سا?? لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ يورپي يونين سان ڪثير الجهتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.