اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۾ آن لائين تعليم جو تناسب وڌائڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو طريقيڪار گهٽ لاڳت هجڻ سان گڏوگڏ شاگردن کي اعليٰ تعليم تائين آسان پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، تعليمي ادارا پنهنجي ويزن تي نظرثاني ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فڪري برتري حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏين. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ رف??هه انٽرنيسنل يونيورسٽي اسلام آباد بابت هڪ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ رف??هه انٽرنيشنل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيس احمد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آر آئي يو اسد الله خان، رجسٽرار برگيڊيئر (ر) انجنيئر سليم احمد خان، فيڊرل ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ واري وزارت ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. رف??هه انٽرنيسنل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر صدر کي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي حوالي سان پنهنجي يونيورسٽين جي ڪاميابين ۽ ڪردار کان آگ??هه ڪيو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته يونيورسٽين کي چوٿين صنعتي انقلاب ۽ تحقيق ۽ ترقي جي سرگرمين جي گهرجن تي ڌيان ڏيڻ جي ضر??رت آهي ته جيئن پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي ڪاميابين کانسواءِ يونيورسٽين کي اخلاق?? علم ۽ شاگردن جي ڪردارسازي تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر مختلف معذور شاگردن کي ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي ??يس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جي ايڇ اي سي جي پاليسي کي پڻ ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان سان انهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ملندي. هن تعليم ۽ صنعت جي وچ ۾ رابطن ۽ عالمي يونيورسٽين سان تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضر??رت تي پڻ زور ڏنو جيڪو معياري تعليم جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر تعليم جي فروغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان يونيورسٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.