اسل??م آباد/ دوشنبي-25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان ??ميت پوري خطي لاءِ اقتصادي سهڪار وڌائڻ ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان ??رابر اهميت وارو آهي. اهڙو اظهار هن دوشنبي ۾ تاجڪستان ??ي صدر امام علي الرحمان ??ان ملاقات ۾ ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق شاه محمود قريشي تاجڪستان ??ي صدر کي وزيراعظم عمران ??ان ??رفان نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ اونها تاريخي ڀائراڻا ناتا آهن جيڪي برابر مذهبي، تهذيبي ۽ ثقافتي بنيادن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت انهن ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير تاجڪستان ??ان گڏيل دلچسپي جي ڊگهي مدي وارن شعبن ۾ ٻه طرفي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ تاجڪستان ??ي صدر کي افغانستان ??ي موجوده صورتحال جي حوالي سان پاڪستان ??ي نقطئه نظر کان ??گاهه ڪيو. شاه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان ??ميت سڄي خطي لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. شاه محمود قريشي گڏيل مقصدن کي ماڻڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. تاجڪستان ??ي صدر امام علي الرحمان چيو ته هو سيپٽمبر 2021ع تي دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران ??ان ??ي شرڪت جو منتظر آهي.