اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) هڪ لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري جي لاءِ ٽينڊر، فوجي آئل ٽرمينل اينڊ ڊسٽري بيوشن ڪمپني (فوٽڪو) جي لاءِ ٽيرف تي نظرثاني ۽ پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز تحت پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي 19 ذيلي ڪمپنين جي قاعدن ۾ جون 2021ع تائين جي مدي لاءِ نرمي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي خودڪار طريقي سان ضايع ٿيندڙ سرنجز ۽ مقامي سطح تي انهن سرنجز جي پيداوار جي لاءِ خام مال ۽ مصنوعات جي درآمد تي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز ۾ ڇوٽ ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري ??فاقي وزير شوڪت فياض ترين جي صدارت ۾ ناڻي واري ??زارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ قومي غذائي ۽ تحقيق واري ??فاقي وزير سيد فخر امام، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، نجڪاري ??اري ??فاقي وزير محمد ميان سومرو، سامونڊي معاملن واري ??فاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، ريلوي واري ??فاقي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي، اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب، پاور ڊويزن واري خاص معاون تابش گوهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، وفاقي سيڪريٽري??، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پيٽروليم واري ??زارت پاران اجلاس ۾ فوجي آئل ٽرمينل اينڊ ڊسٽري بيوشن ڪمپني (فوٽڪو) جي لاءِ ٽيرف تي نظرثاني بابت سمري ??يش ڪئي وئي ته جيئن ڪمپني پنهنجي آپريٽنگ ۽ مرمت ۽ بحالي جا خرچ پورا ڪري سگهي، ڪمپني جي لاءِ ٽيرف جي منظوري 20 سال اڳ 2000ع ۾ 20 سالن جي لاءِ ڏني وئي هئي ۽ ان تي ان عرصي ۾ نظرثاني نه ڪئي وئي هئي، ڊگهي بحث کانپوءِ اقتصادي رابطا ڪميٽي 5 سالن جي لاءِ نظرثاني ٿيل ٽيرف جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جي ادائيگي برابر پاڪستاني رپين ۾ ڪئي ويندي. اجلاس ۾ پيٽروليم واري ??زارت، اوگرا، پي ايس او، ميسرز اي ايف فرگوسن، سامونڊي معاملن واري ??زارت ۽ ناڻي واري ??زارت جي نمائندن تي ٻڌل هڪ ذيلي ڪميٽي پڻ جوڙي وئي، منصوبابندي ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين ڪميٽي جو سربراهه هوندو، ڪميٽي 2012ع کان وٺي 2020ع جي مدي ۾ ٽيرف ۾ فرق بابت معاملن جو فيصو ڪندي. اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري ??زارت پاران پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز تحت پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي 19 ذيلي ڪمپنين کي نرمي ڏيڻ بابت سمري ??يش ڪئي وئي، اي سي سي نرمي جي قاعدن ۾ جون 2021ع تائين جي مدي لاءِ منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ڪارپوريٽ گورننس رولز جي اصولن موجب انهن ڪمپنين جي لاءِ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن جي قيادت ۾ آزاداڻو بورڊ قائم ڪرڻ جي ت??ويز ڏيڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ قومي صحت خدمتن ۽ ضابطن واري ??زارت پاران خودڪار طريقي سان ضايع ٿيندڙ سرنجز ۽ مقامي سطح تي انهن سرنجز جي پيداوار جي لاءِ خام مال ۽ مصنوعات جي درآمد تي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز ۾ ڇوٽ ڏيڻ بابت سمري ??يش ڪئي وئي. اي سي سي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق ٽيڪس چوري ۽ ڪجهه شين تي ادا جوڳي ڊيوٽيز جي عدم ادائيگي جي ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام جي روڪٿام لاءِ ان لينڊ روينيو انفورسمينٽ نيٽ ورڪ (آيرن) کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن بابت هڪ سمري ??يش ڪئي. آيرن تحت اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي ضلعن مان نڪرندڙ شين جي چيڪنگ پڻ ٿي سگهندي. اي سي سي ان سمري جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏئي ڇڏي. بطور چيئرمين ڪميٽي ناڻي واري ??زير شوڪت ترين چيو ته ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قاعدن ۽ ضابطن جي لاڳو ڪرڻ ۾ ايف بي آر حراسان ڪرڻ بدران خيرسگالي جي فضا قائم ڪندي، ان سان گڏوگڏ ايف بي آر قومي ناڻي ۾ اضافي جي لاءِ ٽيڪس چوري جي خاتمي ۽ ٽيڪس بنياد ۾ سگهه ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻندي. ان ڏس ۾ چيڪ اينڊ بيلنس جي باضابطا نظام جي پيروي ڪئي ويندي. ناڻي واري ??فاقي وزير ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته اهو ٽيڪس وصولي ۾ انفورسمينٽ جي روايتي طريقيڪار بدران جديد ترين ٽيڪنالاجي تي ٻڌل طريقيڪار اختيار ڪري. اجلاس ۾ قومي غذائي ت??فظ ۽ تحقيق واري ??فاقي وزارت جي سفارش تي ڪابينا جي هدايت موجب ملڪ ۾ جاري ??الي سال دوران ڪڻڪ جا اسٽرِٽجڪ ذخيرا قائم ڪرڻ جي لاءِ 40 لک ٽن ڪڻڪ جي خريداري جي هدايت جي ت??ميل جي ڏس ۾ هڪ لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري جي لاءِ ٽينڊر جي منظوري ڏني وئي. ڪميٽي ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي چيئرمين کي ڪڻڪ جي درآمد جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي فراهمي جو عمل جاري رهي. ڪميٽي ٽي سي پي چيئرمين کي ڪڻڪ جي درآمد جي نظام الاوقات ۽ ٻين گهرجن بابت وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار کي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.