اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي، افغانستان کي فوري طور تي انساني بنيادن تي امداد جي ??رورت آهي، عالمي برادري کي افغانستان سان رابطن ۾ رهڻ گهرجي، مشڪل حالتن ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، روس سان توانائي، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جو فروغ چاهيون ٿا. روس جي ??در ولاديمير پيوٽن وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي ا??وا??ن افغانستان ۾ تازي اڳڀرائي، گڏيل تعاون ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهميت رکي ٿو، ضرورت ان ڳالهه جي ??هي ته افغانستان کي هنگامي بنيادن تي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ مدد ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سان رابطا برقرار رکي. هن زور ڏنو ته افغان عوام کي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن افغانستان جي ??بديل ٿيندڙ صورتحال جي ??هميت جي ڏس ۾ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن ۽ مشاورت تي زور ڏنو. گڏيل تعاون جي ڏس ۾ وزيراعظم مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون جي ??رورت تي زور ڏين??ي پاڪستان پاران مجموعي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ??زم کي ورجايو. هن چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي ??عبن ۾ روس سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان اسٽريم گيس پائيپ لائين منصوبي کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي ??زم کي پڻ ورجايو. وزيراعظم روسي صدر پيوٽن کي پاڪستان جي ??وري جي ??عوت جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته روسي صدر وزيراعظم عمران خان کي روس جي ??وري جي ??عوت جي ??جديد ڪئي. اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ۾ هم آهنگي، وڌندڙ اعتماد ۽ تازن اعليٰ سطح جي ??ابطن سان عبارت ٻطرفي تعاون ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا فروغ پذير آهن. ٻنهي ا??وا??ن ويجهو رابطو رکڻ تي اتفاق ڪيو.