اسلام آباد – په??ين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايندڙ دور ٽيڪنالاجي جو ??هي، پاڪستان ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي، حڪومت سيليڪون ويلي ۽ ايمزون جي ماهرن طرفان نشاندهي ڪيل رڪاوٽن کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن جا تمام گهڻا بهترين اثرن پوندا.
اهڙن خيالن جو ??ظهار هن تباد ليب جي پاليسي ورڪنگ پيرز جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ ٽيڪنيڪي شعبي ۾ پاڪستان جي ترقي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ مستقبل ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ قدمن جي سفارش ڪئي وئي، هن چيو ته ڪنهن به مل?? جي ترقي لاءِ وسيلا تمام ضروري هندا آهن، مل?? ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ٻارن جي تعليم سان گڏوگڏ انهن جي تربيت تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته هو مسلسل مصنوعي ذهانت ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ سميت ٻي انفارميشن ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو کڻڻ تي زور ڏئي رهيو آهي ڇو ته اهو معلومات جو ??زانو آهي. پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جو ??ستعمال جيترو دير سان ٿيندو ان سان مل?? جو نقصان ٿيندو، پاڪستان ڪجهه وقت ضايع ڪيو آهي تنهن هوندي به هاڻي اسان به ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن کي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته ايندڙ دور ٽيڪنالاجي جو ??هي، آءِ ٽي جو ??عبو سڄي دنيا ۾ تيزي سان تري ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي.
هن آن لائن تعليم کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو ته اهو گهٽ لاڳت جو منصوبو آهي ان سان نوجوانن جي داخلا ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪورونا وبا جي دوران آن لائين طريقي سان خدمتون حاصل ڪرڻ جا تجربا ڪيا ويا، هن چيو ته پاڪستان جا 30 هزار گريجوئيٽس مان 25 هزار ان لاءِ بي روزگار رهندا آهن انهن جي تعليم مارڪيٽ جي ضرورتن سان هڪجهڙائي نٿي رکي، صدر چيو ته جاپان جي اڳوڻي وزيراعظم ان کي پاڪستان ۾ هڪ لک آءِ ٽي گريجوئيٽس جون ملازمتون ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر بدقسمتي سان مل?? ۾ ان معيار جا گريجوئيٽس موجود نه آهن، هن چيو ته آءِ ٽي گريجوئيٽس جي نوڪرين لاءِ ٻاهرين مل?? منتقل نه ٿيڻ گهرجي پر کين مل?? ۾ رهي ڪمائڻ گهرجي ڇو ته انهن جي ٻاهرين مل?? منتقلي سان مل?? انهن تي ڪيل سيڙپڪاري جو نقصان کڻندو.
صدر چيو ته هن اهو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ٽرينرز کي تربيت ڏيڻ لاءِ هڪ پروگرام شروع ڪرڻ جو ??ئيڊيا ڏنو هو پر اڃان تائين حاصل نه ٿي سگهيو، اها سڀ مجرماني غفلت آهي، هي ملڪ جي مستقبل سان جڙيل آهي. صدر چيو ته هو يونيورسٽن کي انساني وسيلن تي سيڙپڪاري جي بار بار تاڪيد ڪندو آهي ته جيئن اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ وڌ کان وڌ داخلا ڪري سگهجن. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي جديد وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ڪنهن اضافي ڪيمپس کانسواءِ پنهنجي داخلائن کي 40 هزار تائين وڌايو آهي. هن چيو ته حڪومت سيليڪون ويلي ۽ ايمازون جي ماهرن جي نشاندهي ڪيل رڪاوٽن کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن جا تمام بهترين اثر پوندا. صدر چيو ته هو ڪوشش ڪري رهيو آهي ته احساس پروگرام جي ذريعي مستحق عورتن کي امداد انهن جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ سڌي سنئين منتقل ڪئي وڃي ته جيئن کين مالي آزادي ۽ پئسي تي وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ٿئي، ڊيٽا جي تحفظ جي اهميت تي روشني وجهندي صدر يونيورسٽين تي زور ڏنو ته يونيورسٽين کي سائبر سيڪيورٽي ۾ تحقيق ڪرڻي پوندي، هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي پاڪستان کي ڪنهن به شيءَ کان وڌيڪ ترقي ڏئي سگهي ٿي ڇو ته نوجوان چار کان پنج سالن ۾ اربين روپيا ڪمايا آهن جنهن کي روايتي ڪاروبار سان ڪمائڻ لاءِ نسلون گهربل آهن.