اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي آهي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان آبي وسيلن جي دستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ارجنٽائن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ وسيع ٿيڻ (موثر هجڻ جو) گڏيل اعتماد، احترام ۽ تعاو?? جو مظهر آهن. اهي ڳالهيون هن پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي وڻڪاري مهم جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيون. پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي ??رڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ ارجنٽائن جي سفير ليپولڊو فرانسسڪو ساهورس ارجنٽائن پارڪ ۾ منعقد تقريب ۾ يادگاري ٻوٽا لڳايا. تقريب کي خطاب ڪندي ??رڏ??هي وزير چي?? ته پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط هجڻ جو گڏيل اعتماد، احترام ۽ تعاو?? جو مظهر آهن. پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اداره جاتي ميڪنزم جو ڪردار انتهائي اهم آه. هن چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ لاءِ گڏيل ڪميشن موجود آهي، 20 مئي 2021ع تي منعقد ٿيندڙ اسان جي آخري گڏجاڻي دوران اسان زراعت، دواسازي، ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن تي گڏيل ورڪنگ گروپ بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن مستقبل ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? ته هڪ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل به بزنس ٽو بزنس انٽريڪشن وڌائڻ جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت باقاعدگي سان ٿيندي آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? ته اسان جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان، ارجنٽائن فرينڊشپ گرپس جي موجودگي ٻطرفي پارليااني لاڳاپن جي استحڪام جي علامت آهي، ??رڏ??هي وزير چي?? ته برطانوي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي تقرير ۾ وزيراعظم عمران خان جي ”ٽين ملين سونامي ٽري“ منصوبي کي ساراهيو. موسمياتي تبديلين جي ڪري خطرو ان ڳالهه جو آهي ته پاڪستان وسيع آبي وسيلا رکندڙ ملڪ مان، آبي وسيلن جي دستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. انهن حالتن ۾ وڻڪاري جو فروغ ئي اهم حڪمت عملي آه??. ش??هه محمود قريشي چي?? ته 4 ڊسمبر تي اسان لاهور ۾ پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ ”پولو ميچ“ جو انعقاد ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ ارجنٽائن جي سفير به تقريب کي خطاب ڪيو ۽ گذريل ست ڏهاڪن ۾ وڌندڙ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن تي اطمينا?? جو اظهار ڪندي کين وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.