اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي جي ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي تر??ي پاڪستان جي تر??ي آهي، قبائلي علائقن کي تر??ي ڏيڻ ??زيراعظم جو ويزن آهي، فاٽا ضم ٿيڻ تي علائقي واسين جي جذبن کي سمجهون ٿا، ڏسڻو اهو آهي ته ڪهڙي طرح اڳتي وڌنداسين. پارليامينٽ هائوس ۾ قبائلي چڱن مڙسن جي اجلاس کي خ??اب ڪندي هن قبائلي چڱن مڙسن جو پارليامينٽ هائوس اچڻ تي ٿورو ادا ??ندي چيو ته قبائلي عوام جي پاڪستان جي لاءِ وڏيون قربانيون آهن ڇو ته اتي جي عوام هڪ جنگ مان نڪري آئي آهي، هن چيو ته اسان فاٽا جي تر??ي کي پوري پاڪستان جي تر??ي سمجهون ٿا، قبائلي چڱن مڙسن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ صورتحال کي سمجهڻ ۾ مدد ملي آهي، هن چيو ته قبائلي ضلعن کي تر??ي ڏيڻ ??زيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، فاٽا جي تر??ي ۽ بحالي جي لاءِ پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ??ري رهي آهي، اسان پوري ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ضم ٿيل قبائلي علائقن جي عوام کي انهن جو ح?? ملي سگهي.