اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ پاڪستان ۽ آسٽريليا جو مئچ ٻن وڏين ۽ مضبوط ٽيمن جي وچ ۾ مقابلو آهي، وز??را??ظم کي درخواست ڪئي آهي ته جيڪڏهن اسان فائنل ۾ پهچون ته وز??را??ظم فائنل ڏسڻ ضرور وڃي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ??هڙي طريقي سان شاندار راند جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اهڙي ڪارڪردگي تمام گهٽ رهي آهي، آسٽريليا جي ??لاف مئچ کٽي اسان کي فائنل ۾ نيوزيلينڊ سان سيڪيورٽي جو مسئلو ڀرپور طريقي سان حل ڪرڻو ??هي، ان لاءِ اڄ جي مئچ کٽڻ ضروري آهي. هن چيو ته انشاءَ الله اسان اڄ جي مئچ ضرور کٽينداسين، پوري قوم پنهنجي ٽيم ??ان گڏ بيٺل آهي، سمورن رانديگرن وٽ سپر اسٽار بڻجڻ جو موقعو آهي، 5 مختلف پليئرز کي مين آف مئچ جو اعزاز مليو آهي، هاڻي ڏسون ٿا ته ڇهين مئچ ۾ ??نه?? کي اهو اعزاز ملي ٿو.