اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته اسلام ۽ نب?? ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، اسلام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين ??لم??اهب هم آهنگي پرامن دنيا جي لاءِ اڻٽر آهي، نب?? ڪريم ﷺ رحمت اللعالمين آهي، وزيراعظم عمران خان سچو عاشق رسول ﷺ آهي، حڪومت اسلامو فوبيا جي حوال?? سان عالمي سطح تي آواز بلند ڪيو. اها ڳالهه هن بين الاقوامي بين ??لم??اهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته اسلام تلوار سان پکڙيو، صوفين اسان کي اسلام جي عظيم مذهب کان اسان کي روشناس ڪرايو. هن چيو ته اسلام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين ??لم??اهب هم آهنگي پرامن دنيا لاءِ اڻٽر آهي، هن چيو ته سياست ۾ هر شيءَ کي ٽوڙي مروڙ?? ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، اسان وٽ هتي به اهڙا مسئلا موجود آهن، اسلام ۽ نب?? ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، چوڌري ف??اد حسين چيو ته ان کان وڏو ظلم ڪو ٿي نٿو سگهي ته ٻنهي جهانن جي سرڪار ﷺ جي نالي کي ??نڍ?? ??نڍ?? ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي، هن چيو ته مذهب جي نالي تي شدت پسندي کي رد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن کي قومي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻاهرين عملن تي ڳالهه ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، هن بين ??لم??اهب امن ڪانفرنس جي انعقاد تي مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ٻين منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪئي.