اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ برآمدات ۾ اضافو اڻٽر آ??ي، روانگي واپار ۽ آمدني واپار ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين جي طرفان موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو وڏو اهم آ??ي، سهڻي ڌرتي ريميٽنس پروگرام سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ مراعتن ۽ ڪيتريون ئي سهولتون رکندڙ منصوبو آ??ي، سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ٽيڪس مراعتن جو منصوبو به آڻي رهيا آهيون. هو سهڻي ڌرتي ريميٽنس پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر به خطاب ڪيو. وز??راعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ويزن جي تحت اسٽيٽ بئنڪ سهڻي ڌرتي پروگرام جاري ڪيو آ??ي، پروگرام،تحت اسٽيٽ بئنڪ جي سونپيل ذريعن مان موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي جي عيوض سمنڊ پار پاڪستانين کي ريوارڊ پوائنٽس حاصل ٿينديون جنهن جي ذريعي هو سرڪاري ادارن مان ڏني ويندڙ خدمتن جو مفت استعمال ڪري سگهندا. ان مقصد لاءِ موبائيل ايپليڪيشن به جاري ڪئي پئي وڃي جنهن تحت سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ريوارڊ پوائنٽس جي عيوض نه رڳو سرڪاري ادارن جون خدمتون حاصل ڪري سگهندا پر ان مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کانسواءِ هڪ بينيفشري جي نشاندهي به ڪري سگهن ٿا جنهن کي اهو ريوارڊ پوائنٽس منتقل ٿي سگهن ٿا. وز??راعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ان نئين پروگرام تي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته روانگي واپار تي ڌيان ناهي ڏنو ويو، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ ج?? روانگي واپار برابر هو جڏهن ته اڄ پاڪستان جي مقابلي ۾ ان ج?? روانگي واپار ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آ??ي، سنگاپور ج?? روانگي واپار اڄ 300 ارب ڊالر کان وڌيڪ آ??ي، ملائيشيا ج?? روانگي واپار 260 ارب ڊالر کان وڌيڪ آ??ي، وزيراعظم چيو ته هن سال اسان ج?? روانگي واپار تاريخ جي بلند ترين سطح تي ه??ند?? تنهن ه??ند?? به ماضي ۾ روانگي واپار تي ڌيان نه ڏيڻ جو نقصان پاڪستان کڻي رهيو آ??ي، اسان جي معيشت ۾ جيئن ئي ترقي ٿيڻ لڳندي آهي ته هڪدم ڪرنٽ اڪائونٽ تي دٻاءُ پ??ند?? آ??ي، اسان جا پئسا ٻاهر وڌيڪ ويندا آهن ۽ ملڪ ۾ گهٽ سرمايو ايندو آهي اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان هن وقت تائين 20 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وڃي چڪو آ??ي، ان ڀنور مان نڪرڻ لاءِ هڪ ئي رستو آهي ته اسان پنهنجي روانگي واپار ۾ اضافو ڪريون، موجوده حڪومت ان لاءِ ڪوشان آهي. اسان جي حڪومت اچڻ کان اڳ صنعت جمود جو شڪار ٿئي تنهن ه??ند?? به اسان جي قدمن سان لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ نمايانا اضافو ٿيو آ??ي، وزيراعظم چيو ته جيستائين اسان جي روانگي واپار ۾ اضافو نٿو ٿئي ان وقت تائين روانگي واپار ۽ آمدني واپار ۾ ايندڙ رنڊڪ ختم ڪرڻ جي لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين جي پاران موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو اهم آ??ي، هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، مشڪل وقت ۾ انهن پاران موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي مان ملڪ جي مدد ٿي، اسان جي حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ روشن ڊجيٽل ??مي?? مختلف قدم کنيا آهن، سهڻي ڌرتي ريميٽنس پروگرام به سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ مراعتن مان هڪ آ??ي، ان پروگرام تحت بئنڪن جي ذريعي پئسا موڪليندڙ سمنڊ پار پاڪستانين کي مختلف سهولتون ميسر اينديون. اهو قدم حڪومت ۾ ايندي ئي کڻڻ گهرجي ها، هن چيو ته روشن ڊجيٽل پروگرام لاءِ سمنڊ پار پاڪستاني گهر خريد ڪري سگهن ٿا، جائيداد خريد ڪري سگهن ٿا، وز??راعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني سڀ کان وڌيڪ ريئل اسٽيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪن ٿا ته جيئن هو پنهنجو گهر ٺاهي سگهن، هن چيو ته بئنڪ جي ذريعي خريدي ڪيل جائيداد هڪ محفوظ سيڙپڪاري آ??ي، ان سان جعلي اسڪيمن ۾ سيڙپڪاري سان سمنڊ پار پاڪستاني محفوظ رهي سگهندا ڇو ته بئنڪ ادائيگي کان اڳ ان اسڪيم جي باري ۾ سموري معلومات حاصل ڪري چڪا هوندا. وز??راعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ٽيڪس ۾ به ڇوٽ ڏيڻ لاءِ منصوبا آڻي رهيا آهيون، هن چيو ته اسان جي ٽيم کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيستائين اسان ج?? روانگي واپار نٿو وڌي ملڪ مان سرمايو ٻاهر منتقل ٿيندو رهندو. وز??راعظم چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته 90 لک پاڪستانين کي ڪيئن مراعتون ڏيڻيون آهن اهي پاڪستان جي لاءِ وڏو درد رکن ٿا، انهن جي لاءِ اسان آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون ته جيئن هو سيڙپڪاري ڪن ۽ ڪاروبار هلائي سگهن، ان ڏس ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون. وز??راعظم چيو ته ٻاهرين ملڪ مان جيڪو پاڪستاني جيترو وڌيڪ پئسو موڪليندو ان کي ايترو ئي وي آءِ پي پروٽوڪول ملندو.