لاهور-26 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ملڪ ۾ اسڪول?? کان ٻاهر ٻارن جو هئڻ گهٽ شرح خواندگي ۽ ڪووڊ جي ??با دوران تعليم جو نقصان سنگين مسئلن ۾ شامل آهي، جن لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. مقامي هوٽل ۾ جاپان انٽرنيشنل ڪارپوريشن ايجنسي جائيڪا جي ??هرين جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ميٽنگ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ جائيڪا جي چيف نمائندن، صوبائي سيڪريٽريز مئنجمينٽ سميت مختلف ادارن جي ??مائندن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته اسڪول نه ويندڙ 78 سيڪڙو ٻارن جون عمريون 10 کان 16 سالن جي ??چ ۾ آهن، جن کي اسڪولن ۾ واپس آڻڻ هڪ چئلينج آهي. هن جائيڪا جي تعليم جي حوالي سان مستقبل جي ??نصوبن کي ساراهيو ۽ ٻُڌايو ته غير رسمي تعليم صوبائي معاملو آهي، صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته هو غير رسمي تعليم تي توجهه ڏين جنهن لاءِ اسان کي بهترين رابطن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي گهر ۾ ويهي تعليم حاصل ڪرڻ، وڏي عمر جي ??اڻهن کي تعليم ڏيڻ، لر??نگ ليول کي ڪيئر ڪرڻ ۽ـ لر??نگ لاءِ ٽيڪنالاجي ذريعي ٽيچرز جي ڊيوٽي تي موجودگي ۽ ليڪچر جي ??انيٽرنگ جي ??اءِ مڪينزم تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪووڊ 19 دوران ٽيلي اسڪول سسٽم شروع ڪرڻ سان حڪومت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سان لر??نگ ٽي وي چينلز شروع ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو. هن جائيڪا جي وفاقي ۽ صوبائي لٽريسي ڊپارٽمينٽ سان گڏ ڪم کي ساراهيو. هن چيو ته حڪومت اسڪول?? کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ هڪ قومي نصاب لاءِ ڪم ڪري رهي آهي جنهن سان ملڪ ۾ تعليم جي ??يدان ۾ انقلاب ايندو. هن چيو ته جيڪي ٻار 10 سال جي عمر ۾ غربت يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري اسڪول ڇڏي وڃن ٿا انهن لاءِ اسلام آباد ۾ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انهن ٻارن کي اسڪلڊ بيسڊ ٽري??نگ فراهم ڪئي وڃي ٿي ته جيئن والدين انهن کي هنرمند بنائڻ سان گڏ تعليم پڻ فراهم ڪري سگهن. هن ان ضرورت تي زور ڀريو آهي ته ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي پڻ جنرل ايجوڪيشن جو ح??و بڻائڻ گهرجي. ا?? کان سواءِ اسان کي ريسرچ بيسڊ پاليسي جي ضرورت آهي جڏهن ته اسان جا فيصلا پڻ ريسرچ جي بنياد تي هئڻ گهرجن، اهڙيءَ طرح اسيسمينٽ جي طريقي کي پڻ ٻيهر ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪووڊ 19 دوران فاصلاتي تعليم جي اهميت ۾ واڌ ٿي، حڪومت نان فارمل ايجوڪيشن تي توجهه ڏئي رهي آهي ته جيئن ملڪ ۾ تعليم ذريعي اڳتي جي ترقي ڏئي سگهجي، هن چيو ته ”ميٽرڪ ٽيڪ“ لر??نگ پروگرام والدين جي تعليم تي توجهه ڏيڻ وارن طرف پڻ هڪ وڏو منصوبو آهي. هن ان خواهش جو اظهار ڪيو ته جائيڪا وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان غير رسمي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعاون ڪندو رهندو. ان موقعي تي وفاقي ۽ صوبائي لٽريسي ۽ غير رسمي تعليم جي ادارن جي ??مائندن پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي روشني وڌي ۽ تجويزون پيش ڪيون. جوائنٽ سيڪريٽري وفاقي وزير تعليم ۽ پروفيشنل ٽري??نگ وسيم امجد چڌر ان موقعي تي جائيڪا جي عملي پراجيڪٽ کي ساراهيو.