اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مارڪيٽ جون ضرورتن ۽ گهرج موجب نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، عورتن ۽ خص??صي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ تي خص??صي ڌيان ڏيڻو پوندو، مارڪيٽ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هنرمند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر ملڪ ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جي حوالي سان بريفنگ دوران ڪيو. بريفنگ ۾ نيوٽڪ جو چيئرمين سيد جاويد حسن ۽ ٽوئيٽا جي صوبائي سربراهن شرڪت ڪئي. صدر کي نوجوانن جي تربيت ۽ هنرمند بڻائڻ جي حوالي سان مختلف پروگرامن تي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي صدر چ??و ته مارڪيٽ جي ضرورتن ۽ گهرج موجب نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هنرمند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پوندو. هن چ??و ته نوجوانن کي انڊسٽري جي ضرورتن موجب سکيا ۽ هنر فراهم ڪرڻو پوندو، عورتن ۽ خص??صي ماڻهن کي هنرمند بنائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چ??و ته خص??صي ماڻهو ملڪي آبادي جو 12 کان 14 سيڪڙو حصو آهن، عورتن ۽ خص??صي ماڻهن کي ??عا??ري جو فعال شهري بڻائڻ لاءِ هنرمند بڻائڻو پوندو. هنرمند ماڻهن افرادي قوت تيار ڪرڻ لاءِ انڊسٽري سان گڏ رابطا ضروري آهن، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ سان انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.