لاهور – 14 ڊسمبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لاهور قلعه (يونيسڪو عالمي ورثي) جي اهم حصي پڪچر وال ۽ ش??هي بورچي خاني جو دورو ڪيو، صدر جو استقبال پاڪستان بابت آغا خان ڪائونسل جي صدر حافظ شير علي، والڊ سٽي آف لاهور اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪامران لاشاري ۽ آغا خان ڪلچرل سروس پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر خواجه توصيف احمد ڪيو. شاهه برج گيٽ (هاٿي پ??ل) سان گڏ واقع اها پڪچر وال قلعي جي اصل نجي داخلا ٺاهيندي آهي، ان ديوار کي شڪار ۽ جنگ جي منظرن، مختلف تشبيهن، جانورن، پکين، جاگرافيائي ۽ گلن جي تصويرن سان نهايت عمدي طريقي سان سجايو ويو آهي. اها ديوار تقريبن 400 سال اڳ مغل دور ۾ تعمير ڪئي وئي هئي، جيڪا دنيا جي سڀ وڏين ديوارن مان هڪ آهي. اها ديوار نقشين گليزڊ ٽائل تي ٻڌل موزائيڪ جي ڪم سان زردوري استرڪاري رنگ ڪيل چن جي پ??ستر ۽ ڪٽيل سرن سان تعمير ڪئي وئي آهي،. مغليه زماني جي نفيس ۽ پيچيده ڪم ۾ انتهائي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي صدر عارف علوي اسلامي تاريخ جي اهم حصي کي محفو?? ڪرڻ جي سخت ڪوششن کي ڀرپور ساراهيو. پڪچر وال ۽ ش??هي بورچي خاني جي تحفظ جو ڪم ڪلچر بابت آغا خان ٽرسٽ ۽ ملڪ ۾ ان جي گڏيل اداري آغاز خان ڪلچر سروس پاڪستان والڊ سٽي آف لاهور اٿارٽي جي تعاون سان انجام ڏنو آهي. آغاز خان ٽرسٽ براءِ ڪلچر جو ڌيان سڄي دنيا ۾ ڪميونٽيز جي مادي، سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي بحالي تي آهي، ان ۾ آغا خان ايوارڊ فار آرڪيٽيڪچر، آغا خان هسٽورڪ سٽيز پروگ??ام?? آغا خان ميوزڪ پروگ??ام?? آن لائين ريسورس Archnet.org هاروڊ يونيورسٽي ۾ آغا خان پروگرام فار اسلامڪ آرڪيٽيڪچر ۽ ميسوچيسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي شامل آهن. 2007ع کان آغا خان هسٽورڪ سٽيز پروگرام والڊ سٽي آف لاهور جي بحالي ۽ مغل دور جي ان يادگار کي محفو?? ڪرڻ جو ڪم پنجاب حڪومت ۽ والڊ سٽي آف لاهور اٿارٽي جي حصيداري سان شروع ڪيو جنهن ۾ مسجد وزير خان ۽ ش??هي حمام جي بحالي جو ڪم به شامل هو.