لاهور-15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ۽ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مون ٻن ڏهاڪن تائين آمريڪا جي يو??يورسٽين ۾ پڙهايو آهي ۽ جڏهن مان آمريڪي ۽ پاڪستاني شاگردن وچ ۾ ڀيٽ ڪندو آهيان ته مون کي پنهنجي وطن ۾ وڌيڪ ٽيلنٽ ۽ صلاحيتون نظر اچن ٿيون. اولهه جي تعليمي ادارن جو نظام مستحڪم آهي جنهن سان ان جي آئوٽ پٽ وڌيڪ آهي. هو لاهور ڪاليج فار وومين يو??يورسٽي ۾ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. شهباز گل چيو ته وزيراعظم عمران خان ادارن کي ترقي ڏيڻ تي يقين رکي ٿو، لاهور ۾ سمارٽ بزنس سٽي ۽ رودا جي نالن سان جديد تقاضائن سان هم آهنگ ادارا بڻجي رهيا آهن، جنهن مان لکين نوڪريون پيدا ٿينديون. هن چيو ته لاهور ڪاليج جي 30 شاگردن کي انهن ادارن ۾ نوڪري ڏيڻ جو وعدو ڪريان ٿو، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جلد لاهور ڪاليج جي شاگردن کان انٽرويو شروع ڪندي. هن چيو ته اسان جي حڪومت رحمة للعالمين اٿ??رٽ?? جوڙي، اٿ??رٽ?? جا ڪجهه منصوبا جي سي يو??يورسٽي ۽ لاهور ڪاليج فار وومين يو??يورسٽيءَ ۾ قائم ڪيا ويندا. اڄ شاگردن پنهنجي والدين ۽ پنهنجي اداري جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته مان جڏهن پروفيسر هئس ته ماڻهو پُڇندا هئا ته ڪهڙو ڊسيپلين سٺ?? آهي ته مان چئي نه سگهندو هئس ته ڪهڙو ڊسيپلين سٺ?? آهي، ڇاڪاڻ ته هر ڊسيپلين سٺ?? هوندو آهي، هر شعبي جي تعليم اهم آهي، معاشري ۾ عورت جي تعليم تمام ضروري آهي. 16 ڪانوويڪشن ۾ سال 2019ع جي 2563 ۽ سال 2020ع جي 2943 شاگردن کي ڊگريون ڏنيون پيون وڃن.