اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪست??ن انڊونيشيا س??ن اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل انڊونيشيا جي پنهنجي هم منصب ريتنو مرسودي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. پاڪست??ن انڊونيشيا س??ن اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير عورتن جي حقن جي لاءِ موثر آواز اٿارڻ تي انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪست??ن انڊونيشيا س??ن واپار، سياحت ۽ سيڙڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ سياحت ۽ واپار جي فروغ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ۾ سهولت جي فرا??مي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي س??ن او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ ح??اي?? تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير محترمه ريتنو مرسودي شاندا?? استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.