اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان اڄ خميس تي لاهور جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو، و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب و??ير??عظم لاهور ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون لاهور ٽيڪنا پولس جو افتتاح ڪندو. ٽيڪنالاجي زون جي تعمير لاهور نالج پارڪ ڪمپني تحت ٿي آهي جتي وڏي پئماني تي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ برآمدي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي ٽيڪنالاجي زون ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 12 ڪمپنين کي لائسنس جاري ڪيا ويندا، وڌيڪ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٽي ٽيڪنالاجي زونز جي تعمير لاءِ 300 ملين ڊالر ??ي سيڙپڪاري جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون به ڪيون وينديون. و??ير??عظم ان موقعي تي خطاب به ڪندو. و??ير??عظم لاهور ۾ اهم اجلاسن جي صدارت ڪندو، ان کانپوءِ و??ير??عظم گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي نيو ڪيمپس ۽ ابو الحسن الشاذلي ريسرچ سينٽر آن صوفي ازم، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو افتتاح ڪندو.