اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي آن لائين فاصلاتي تعليمي پ??ليسي جي جلد لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شاگردن جي سستي تعليم مان فائدو کڻڻ لاءِ يونيورسٽيون ورچوئل تعليمي عمل کي وڌائين، ٽيڪنيڪي خال ڀرڻ ۽ تيز رفتار ترقي لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ ۽ آءِ ٽي تعليم تي ڌيان ڏين. ايوان صدر جي پ??يس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ايوان صدر ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي (نيوٽيڪ) تي بريفنگ جي دوران چيو ته غير ملڪي يونيورسٽيون ۽ تربيتي ادارن جي تعاون سان افرادي قوت جي پيشيوراڻي ترقي ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ نيوٽيڪ جي فيڪلٽي ميمبرن، ايڇ اي سي جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هن چيو ته يونيورسٽي ملڪ جي نوجوانن کي اعليٰ معيار جي ٽيڪنيڪي تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪنيڪي خال ڀرڻ ۽ تيز رفتار ترقي لاءِ يونيورسٽيون اسڪل ڊولپمينٽ ۽ آءِ ٽي تعليم تي ڌيان ڏين، ريڪٽر نيو ??يڪ ليفٽيننٽ جنرل (ر) خالد اصغر انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ تعليمي پ??وگرامن تي بريفنگ ڏني. صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته نيوٽيڪ هٿرادو ذهانت، روبوٽڪس، انجنيئرنگ ۽ آءِ ٽي جي ٻين شعبن ۾ پروگرام شروع ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. اجلاس کي مستقبل جي منصوبن ۽ آن لائن ايجوڪيشن سپورٽ سسٽم جي تياري جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.