اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته چين جي قيادت پاڪستان جي معيشت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي جيڪا صحيح رخ ۾ گامزن آهي، چيني قيادت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ خواهشمند آهي، چين جي تازي دوري سان پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي هڪ نئين سگهه ملي آهي، پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ حصيداري جي رخ جو تعين ڪري ورتو آهي ?? سي پيڪ سميت مختلف شعبن ۾ ويجهن لاڳاپن کي اڳتي وٺي هلي رهيا آهن، افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻ جي لاءِ سڀ متفق آهن، حالتو?? خراب ٿيون ته آمريڪا کي به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، قومي تشخص ۽ حڪومتي قدمن کي گڏ ڪري ئي ترقي جي رفتار وڌائي سگهجي ٿي، ڪورونا جو بهترين حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو، ڪنهن کي خوش ڪرڻ بدران سڌارا ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪورونا کانپوءِ پاڪستان جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻن سفيرن ۽ ٿينڪ ٽينڪ جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين ۽ وزيراعظم جا خاص معاونين پڻ موجود هئا. هن ??يو ته 18 هين ترميم کانپوءِ ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ مسلسل اجلاس ڪري رهيا آهيون، تذويراتي رخ جي حوالي سان اسان ڪليئر آهيون. وزيراعظم عمران خان ??يو ته پاڪستان ڪورونا وبا جو بهترين حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو، ڪورونا کانپوءِ اسان جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، لاڪ ڊائون نه ڪرڻ تي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، ڪنهن کي خوش ڪرڻ بدران سڌارا ڪرڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم ??يو ته اڄ دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، هر ملڪ پنهنجي آمدني وڌائڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي، دنيا ۾ لاڪ ڊائون سان عام ماڻهو جي زندگي متاثر ٿي آهي، چين ڪورونا تي بهترين انداز ۾ ضابطو آندو. وزيراعظم ??يو ته توهان سان ملاقات جو مقصد توهان جي راءِ وٺڻ آهي، اڄ دنيا وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان ??يو ته سندس چين جو تازو دورو انتهائي اه??يت وارو هو، اسان جي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي ?? چيني قيادت ان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ??يو ته افغان عوام کي امداد جي فراهمي عالمي برادري جي گڏيل ذميواري آهي، هر ڪو افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻ جي لاءِ متفق آهي ?? جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿئي ٿي ته آمريڪا کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. پنهنجي تازي چين جي دوري بابت ڳالهائيندي هن ??يو ته مون بيجنگ جو ڪامياب دورو ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن جي ڏس ۾ انتهائي اه??يت رکندڙ آهي. هن ??يو ته روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٻه سال اڳ بشڪيڪ ۾ ملاقات ٿي، ملاقات دوران صدر پيوٽن ??يو ته روس ۾ اسلامو فوبيا جو ڪو مسئلو نه آهي. وزيراعظم ??يو ته چيني صدر کي پاڪستان جو دورو ڪرڻو هو، 2019ع ۾ ڪورونا آيو ۽ چين ۾ لاڪ ڊائون لڳي ويو، لاڪ ڊائون کانپوءِ چيني صدر سان معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ??يو ته چين ۾ 400 وزيرن جي سطح جي ماڻهن جو احتساب ڪيو ويو، احتساب ڪرڻ تي چين صدر جي شهرت ۾ اضافو ٿيو، چين ۾ فيصلو ٿيڻ کانپوءِ ان تي عملدرآمد ٿئي ٿو. وزيراعظم عمران خان ??يو ته چين انفراسٽرڪچر ٺاهي اسان جي مدد ڪئي آهي، ملڪ ۾ شين جون قيمتون هڪ جهڙيون هجڻ گهرجن، 18 هين ترميم کانپوءِ تمام گهڻا مسئلا دپيش آهن. وزيراعظم ??يو ته هن چين جي صدر شي جن پنگ سان ڪورونا وبا جي ٻن سال کانپوءِ ملاقات ڪئي، انهن ٻطرفين ملاقاتن پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبن کي وڌيڪ سگهه بخشي. هن سي پيڪ منصوبن تي سست رفتار ڪم جي تاثر کي مڪمل طور تي رد ڪيو. وزيراعظم افغانستان بابت ??يو ته ان معاملي تي عالمي برادري جو اتفاق راءِ آهي، يورپ ۽ افغانستان جي سمورين پاڙيسري رياستن اتي انساني بحران کان بچڻ تي اتفاق ڪيو ۽ هنن افغانين جي اثاثن کي بحال ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، آمريڪا به صورتحال کي سمجهيو آهي، سڀني جو اتفاق آهي ته اهڙا قدم کنيا وڃن جو افغانستان انتشار جو شڪار نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم ??يو ته 18 هين ترميم کانپوءِ فيصلاسازي جي حوالي سان مسئلا سامهون آيا. هن ان حوالي سان سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ فرق جو حوالو ڏنو. چيني حڪومت جي ڪم ڪار جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ??يو ته جڏهن ڪو فيصلو ڪيو ويو ته ان تي عملدرآمد ڪيو ويو پر پاڪستان ۾ ان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ هم آهنگي جي کوٽ آهي. هن ??يو ته خصوصي اقتصادي زونز ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون. وزيراعظم ??يو ته بيجنگ سرمائي اولمپڪس دوران چيني ميڙ پاڪستاني دستي جي گرمجوشي سان حوصلا افزائي ڪئي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڪيترا گهرا آهن. وزيراعظم ??يو ته ڪورونا جي عالمي وبا دنيا کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اٽلي، اسپين ۽ برطانيا سميت دنيا جي مختلف ملڪن مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو جنهن تي انهن جي سياسي مخالفن پاران کين سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، سمارٽ لاڪ ڊائون جي فيصلي جو دفاع ڪندي وزيراعظم ??يو ته آمريڪا، جرمني ۽ فرانس ۾ ماڻهو لاڪ ڊائون جي خلاف رستن تي نڪري آيا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڳالهائيندي ??يو ته سي پيڪ جي نئين منصوبن جي شروعات ٿي وئي آهي، سي پيڪ تي ورڪنگ گروپ اڳ ۾ 7 هئا جيڪي هاڻي 11 ٿي ويا آهن، سي پيڪ تي ڪم سستي جو شڪار ناهي ٿيو، نيون ٽرانسميشن لائينون ۽ رستا ٺاهيا ويا آهن. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ??يو ته چين، پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن کي اڳتي کڻي وينداسين، افغانستان کي معاشي بحران کان بچائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن ??يو ته افغانستان جي معاملي تي چين ۽ پاڪستان ۾ مڪمل هم آهنگي آهي، مارچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر چين جو دورو ڪندس، ڪشمير مسئلي جي حوالي سان چين ۽ پاڪستان جي موقف ۾ هڪ جهڙائي آهي. پرڏيهي وزير ??يو ته چين جي دوري ۾ سي پيڪ تي تعطل خ??م ڪيو ويو، چيني ٿنڪ ٽينڪس سان ملاقات مثبت رهي ?? چين جي دوري ۾ سي پيڪ تي تعطل جو تاثر ختم ڪيو ويو آهي.