اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس ??ائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر بل اينڊ ميلنڊا گيٽس ??ائونڊيشن پاران پوليو جي خاتمي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ معاونت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۾ پوري هڪ سال کان پوليو وائرس جو هڪ به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو ۽ صورتحال اميد جوڳي نظر اچي ٿي جڏهن ته اسان ان حوالي سان قدم جاري رکنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پوليو مهم جو تجربو ڪوويڊ 19 جي وبا دوران تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيو جنهن ۾ پاڪستان غيرمعمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آه??. صدر هلال پاڪستان جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي بل گيٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي ??يوارڊ انسانيت جي لاءِ ان جي فلاحي خدمتن جي اعتراف ۾ آه??. صدر چيو ته پاڪستان ماءُ ۽ ٻار جي غذائي ضرورتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آه?? ۽ ان سلسلي ۾ احساس جو تمام سٺو پروگرام شروع ڪيو ويو آه??. ان موقعي تي ڳالهائيندي بل گيٽس چيو ته بل اينڊ ميلنڊا گيٽس ??ائونڊيشن پاران گيسٽرڪ مائيڪرو بايوم تي ڪئي ويندڙ تحقيق سان ان سلسلي ۾ ڪجهه چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ مائيڪرو سافٽ سان شاندار تعاون جو منتظر آه??. هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جو وڏو انگ موجود آهي ??يڪو چوٿين صنعتي انقلاب جي گهرجن کي منهن ڏيڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.