اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته روس دنيا ۾ توانائي فراهم ڪندڙ سڀ کان ??ڏو ملڪ آهي، وزيراعظم جو دؤري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳا??هه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم عمران خان جي روس جي دؤري جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش آهي. ايل اين جي جي حوالي سان 3 کان 4 منصوبا اهڙا آهن جن تي گذريل 6 مهينن دوران پاڪستان جو دؤرو ڪندڙ روسي ٽيمن سان پهريائين ڳا??هيون ڪري چڪا آهن. انهن منصوبن بابت معاملن تي وزيراعظم عمران خان روس جي صدر پيوٽن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، جڏهن ته روس جي نائب وزيراعظم سان باضابطه طور تي ڳا??هائيندس. حماد اظهر چيو ته روس دنيا ۾ توانائي فراهم ڪندڙ سڀ کان ??ڏو ملڪ آهي. يورپ، ا??تر آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جا روس سان گهرا رابطا آهن، جڏهن ته پاڪستان جا اهڙيءَ طرح جا رابطا روس سان پهري??ن نه هئا، انهن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي.