سڪرنڊ – 02 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آ??ي ته بلاول زرداري ووٽن جي فارمولي سان وزيراعظم نه ٿو بڻجي سگهي ڇو ته پنجاب ۾ سندس مقبوليت رڳو 5 سيڪڙو آ??ي. سڪرنڊ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ هاڻي پراڻن نعرن جي ڪشش ناهي رهي، پيپلزپارٽي پنهنجي مارچ ۾ رينٽ اي ڪار جو ميڙ کڻي گڏ هلي رهي ??هي?? پيپلزپارٽي سنڌ سرڪار جي بيساکين تي سياست ڪري رهي ??هي?? ن??م نهاد مارچ ۾ سنڌ پوليس، ايمبولينس، سرڪاري وسيلا استعمال ٿي رهيا آهن، بلاول کان معصومانا سوال آهي ته جتي وڃي ٿو شهر ڇو بند ڪرائي ڇڏي ٿو، جيڪڏهن ??وا??ي مارچ آهي ته ??وا?? کي ڇو پري رکيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته بلاول چوي ٿو ته منهنجي کيسي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ ??هي?? پر گذريل ڏينهن انهن جي عدم اعتماد جي رٿ جي هوا نڪري وئي، چوڌري ڀائرن وزيراعظم سان تائيد کي ورجايو ۽ اسان جا باقي اتحادي به اسان سان گڏ آهن، تحريڪ انصاف جو ايم اين اي ڪنهن گروپ جو حصو نه ??هي?? تحريڪ انصاف ۾ عمران خان کانسواءِ ڪو گروپ نه آهي. مخالف ڌر وٽ نمبر نه آهن، (ن) ليگي چونڊون چاهين ٿا ۽ پيپلزپارٽي وارا چونڊون نه ٿا چاهين. پرڏيهي وزير چيو ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ پاڪستان امن سان گڏ بيٺل ??هي?? يوڪرين سان ٽن ملڪن جون سرحدي حدون لڳ?? ٿيون جن سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿي ??هي?? هيستائين هڪ هزار 132 ٻار بارڊر ڪراس ڪري چڪا آهن، ڪل 3 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون هئا انهن مان ڪيترائي اڳ ۾ نڪري آيا هئا، جيڪي رهجي ويا انهن جا دستاويز تيار نه هئا ان لاءِ اهي رهجي ويا آهن، انهن لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان معاملي ۾ غافل نه آهيون.