اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) روس جي مسلمان اڪثريتي علائقي چچنيا جي صدر رمضان ڪادروف گڏيل قومن ۽ عالمي فورمن تي اسلامو فوبيا بابت وزيراعظم عمران خان جي موقف کي ساراهيندي چيو آهي ته روس جا مسلمان کيس وڏي عزت ۽ احترام جي ن??ر سان ڏسن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي نالي پن??نج?? خط ۾ چيچنيا جي صدر چيو ته گڏيل قومن ۽ عالمي فورمز تي پن??نج?? دين بابت توهان جي موقف تي ٿورن جي اظهار لاءِ هو ذاتي طور تي وزيراعظم سان ملاقات لاءِ بي تاب هو، چيچن صدر تازي روس جي دوري دوران وزيراعظم سان ملاقات تي سندس ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته روس جا 30 لک مسلمان کيس ”وڏي عزت ۽ احترام“ جي نگاهه سان ڏسن ٿ??. ص??ر ڪادروف چيو ته هو روس ۾ وزيراعظم جي لاءِ هر طرح جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو اسان کي پن??نج?? فرض شناس ۽ فرمانبردار انسانن ۾ شمار ڪري، الله جي دين ۽ اشاعت اسلام، دفاع ۽ جدوجهد لاءِ اسان هر طرح جي خدمت لاءِ حاضر آهيون، اسان توهان کي روس جي ايندڙ دوري جو بي چيني سان انتظار ڪنداسين.