اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان تاجڪستان جي پرڏيهي وزير س??اج الدين مهردين ملاقات ڪئي. اها ملاقات اسلامي تعاون تنظيم جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات دوران هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??مر??ن خان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 30 هين سالگرهه تي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبه جي پنهنجي سرڪاري دوري جو حوالو ڏنو ۽ دوري دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد تي اطمينان جو اطهار ڪيو، وزيراعظم واپاري ۽ اقتصادي رابط?? کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو، وزيراعظم معيشت، واپار، توانائي، رابطي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن سميت ٻطرفي تعاو?? کي جامع طور تي بهتر بڻائڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو، هن ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي تحت وچ ايشيا سان پاڪستان جي وڌندڙ رابط?? کي به اجاگر ڪيو ۽ ڪاسا 1000 پاور پراجيڪٽ جي وقت سر تڪميل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، وزيراعظم افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ انساني امداد جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي زور ڏنو. علائقائي خ??شح??لي لاءِ ملڪ ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم ان سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته پرامن، مستحڪم ۽ خ??شح??ل افغانستان سڀني جي مفاد ۾ آهي.