اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف ديواگر، اتر وز??رستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي سرحد پار کان دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن دهشتگرد حملي جي ن??يج?? ۾ شهادت ماڻيندڙ بهادر جوانن حوالدار تيمور، نائيڪ شعيب ۽ سپاهي ثاقب جي درجن جي بلندي ۽ ملڪ جي دفاع دوران زخمي ٿيندڙ جوانن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي دعا ڪئي. وز??راعظم ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي لا??ِ سيڪيورٽي فورسز جي عزم کي ساراهيو.