جده – پهرين مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب سلامتي ۽ استحڪام، تشدد، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، اتحاد جي فروغ، خطي جي م??ڪن جي خودمختياري ۽ انهن جي جاگرافيائي سالميت جي حمايت جي عزم کي ورجايو آهي، سعودي عرب پاڪستان ۽ ان جي معيشت جي بهتري لاءِ مسلسل حمايت جاري رکندو، سعودي عرب مرڪزي بئنڪ ۾ جمع ڪرايل 3 ??رب ڊالر جي مدي ۾ توسيع ۽ ان ۾ اضافي، پيٽروليم مصنوعات جي فنانسنگ وڌيڪ وڌائڻ جا امڪان ڳولڻ ۽ معاشي ڍانچي جي سڌارن ۾ مدد ڪندو، ٻنهي م??ڪن خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورن مسئلن جي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل جي ضرورت تي زور ڏنو، ٻنهي م??ڪن روس ۽ يوڪرائن جي تڪرار جي سياسي حل ۽ بحران جي خاتمي جي اميد ??اهر ڪندي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد موجب يمن بحران جي ٺوس سياسي حل جي قدمن، فلسطين جي مسئلي جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عرب امن قدمن موجب ٺوس ۽ م??صف??ڻي حل، شام ۾ علائقائي مداخلت کي محدود ڪرڻ ۽ افغانستان جي سرزمين کي دهشتگرد گروپن جي لاءِ محفوظ پناهه طور استعمال کان بچاءُ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وچ ۾ قائم ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جي ڏس ۾ 28 کان 30 اپريل 2022ع تائين سعودي عرب جو دورو ڪيو. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جده ۾ وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ٻنهي طرفن ۾ باضابطا سرڪاري م??اقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ قائم تاريخي لاڳاپن ۽ سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي غور ڪيو ويو. ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ ٻنهي طرفن سعودي پاڪستاني سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل ذريعي معاملن کي مضبوط بڻائڻ، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپاري م??اسٽا کي متنوع بڻائڻ ۽ ٻنهي م??ڪن جي نجي شعبن جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن واپار ۽ سيڙپڪاري جي م??قعن کي حقيقي ۽ عملي حصيداري ۾ تبديل ڪيو وڃي. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب ان عزم کي ورجايو ته هو پاڪستان ۽ ان جي معيشت جي مسلسل حمايت جاري رکندو. ان ڳالهه ٻولهه ۾ مرڪزي بئنڪ ۾ جمع ڪرايل 3 ??رب آمريڪي ڊالر جي مدي ۾ توسيع جي ذريعي ان ۾ اضافي، پيٽروليم مصنوعات جي فنانسنگ وڌيڪ وڌائڻ جا امڪان ڳولڻ، پاڪستان ۽ ان جي عوام جي م??اد ۾ معاشي ڍانچي جي سڌارن جي لاءِ مدد جاري رکڻ شامل هو. پاڪستان ڀرپور مدد ۽ حمايت جاري رکڻ تي سعودي عرب کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي طرفان ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاراڻي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، حصيدارين ۾ اضافي ۽ ٻنهي م??ڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ گڏجي سيڙپڪاري ڪرڻ جا امڪان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري جو ماحول تيار ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سيڙپڪاري جي ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي م??ڪن جي قيادت جي بصيرت جي روشني ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ مفاد ۾ صنعت ۽ کاڻيون کوٽڻ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو جنهن جو مقصد ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافو ڪرڻ آهي. ٻنهي طرفن کان سيڙپڪاري فورمز منعقد ڪرڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو ويو ته جيئن ٻنهي م??ڪن جا ڪاروباري شعبي ۾ دستياب امڪان سامهون آڻي سگهجن، انهن تي زر ڏنو وڃي ته سيڙپڪاري جي مختلف شعبن ۾ انويسٽمينٽ پارٽنرشپ ڪن، سعودي پاڪستاني بزنس ڪائونسل جي اجلاسن جي ذريعي گڏجي ڪم ڪن ته جيئن انهن مشڪلاتن کي ختم ڪيو وڃي جيڪي سيڙپڪارن کي درپيش اچن ٿيون. ٻنهي طرفن کان آجيان ڪئي وئي ته ٻنهي م??ڪن جا سيڙپڪار خوراڪ ۽ زراعت جي صنعتن ۾ گڏجي حصيداريون ڪري رهيا آهن. ٻنهي طرفن کان سعودي عرب جي ويزن 2030ع تحت اڪنامڪ ٽرانسفارميشن پروگرامز جي ذريعي ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ دستياب امڪانن بابت تعاون ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ ناليوارن پاڪستاني ماهرن جي تجربي ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو ته جيئن ٻنهي م??ڪن جي معيشتن کي گڏيل طور تي فائدو پهچي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڌرين افغانستان ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سلامتي ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ، افغانستان جي سرزمين کي دهشتگرد گروپن پاران محفوظ پناهه طور تي استعمال ٿيڻ کان بچائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ڌرين افغانستان تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي فيصلن تي اڳڀرائي جاري رکڻ ۽ انهن تي عملدرآمد سان اتفاق ڪيو ته جيئن افغان عوام کي انساني امداد جي فراهمي ۽ ان ڏس ۾ حمايت جاري رهي. دوري جي پڄاڻي تي وزيراعظم پاڪستان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ ڊپٽي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود کانسواءِ سعودي عرب جي حڪومت جا پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي گرمجوشي ۽ فراخدلاڻي م??زباني تي ٿورا مڃيا. ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز وزيراعظم پاڪستان ۽ ڀائر ملڪ پاڪستان جي عوام جي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي پرجوش جذبن جو اظهار ڪيو.