اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ننڍن ڊيمن جي تعمير سميت ٻين قدمن جي ذريعي پاڻي محفوظ ڪرڻ جي ذريعن ۾ اضافو ڪري پاڻي کوٽ کي م??هن ڏئي سگهجي ٿو، پاڪستان پاڻي جي کوٽ کي م??هن ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهيو آهي، اسان کي پنهنجي خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوري دنيا خاص طور تي علائقائي م??ڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحرا ۽ ڏڪار کي م??هن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي م??قعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته هلندڙ سال صحرا ۽ ڏڪار جي ڏينهن جو موضوع ڏڪار کي گڏجي م??هن ڏيڻ آهي، ان سان ڏڪار جو شڪار ملڪن کي متحد ٿيڻ لاءِ هڪ مضبوط پيغام ملندو، هي گهراڻن، برادرين، نجي شعبي ۽ ملڪن کي ڏڪار جي فوري اثرن کي م??هن ڏيڻ ۽ ڊگهي مدي واري همت پيدا ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو ڏينهن آهي، هن چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا جا ڪيترائي م??ڪ موسمياتي تبديلين، ٻيلن جي واڍي ۽ ٻ??ين ۽ گاهه جي م??دانن جي وڌيڪ استحصال جي ڪري وقفي وقفي سان گهٽ ۽ غير متوقع برساتن کي م??هن ڏئي رهيا آهن جيڪو فصلن ۾ گهٽتائي، پاڻي ۽ زمين جي کوٽ ۽ واڌ ويجهه جي شرح ۾ گهٽتائي جي ڪري آهي، صدر چيو ته ڏڪار جي اثرن کي پاڻي جي وسيلن ۾ اضافو ڪري گهٽ ڪري سگهجي ٿو جهڙوڪ ننڍا ڊيم، تلاءَ ۽ کوهه، پاڻي جي م??اسب ورڇ، چراگاهن جي بحالي، وڻڪاري جي ذريعي م??ي جي پاڻي کي برقرار رکڻ جي صلاحيت کي بحال ڪرڻ، دريائن جي ڪنارن جي حفاظت، ڏڪار برداشت ڪرڻ ۽ فصلن طرف من??قل ٿيڻ ۽ ڪمزور چراهگاهن کان جانورن جي چرپر شامل آهن. هن چيو ته اسان کي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڏڪار کي م??هن ڏيڻ لاءِ مضبوط پاليسيون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڏڪار کي م??هن ڏيڻ لاءِ من??م ۽ جامع ايڪشن پلان شروع ڪرڻو پوندو، ڏڪار کي م??هن ڏيڻ جي جامع حڪمت عملين تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، پاڻي ۾ ٻيهر اضافي جي ذريعي پاڻي جي حفاظت کي بهتر بڻائڻو پوندو، پاڻي جا وڌيڪ ذخيرا بڻائڻا پوندا، پاڻي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻو پوندو ۽ سڄي م??ڪ ۾ ٻيلن جي زمين کي وڌائڻو پوندو. صدر ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان پاڻي جي کوٽ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ صحرائي ۽ ڏڪار جو شڪار علائقن ۾ 10 هيڪٽر رقبي تي 3.29 ارب ٻوٽا لڳائڻ جي قومي سطح جي پروگرام شامل آهي، قدرتي نباتات ۽ حيوانات جي تحفظ لاءِ محفوظ علائقه قدم ۽ 2030ع تائين رضاڪاراڻي لينڊ ڊيگريڊيشن نيوٽلرٽي (ايل ڊي اين) جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيو آهي، هن چيو ته اسان کي پنهنجي خوراڪ جو تحفظ يقيني بڻائڻ، دنيا کي پاڻي جي کوٽ کان بچائڻ لاءِ علائقائي م??ڪن خاص طور تي باقي دنيا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.