اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻارڙين جي تعليم ۽ تربيت خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ڪو به معاشرو عورتن جي شموليت کانسواءِ ??رقي ??ه ٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي يتيم ٻارڙين جي اداري ڪاشانه ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حضور ﷺ عيد جي موقعي تي يتيم ٻارن جي مٿان هٿ رکيو، پاڻ ﷺ ٻارن تي خاص شفقت فرمائيندا ۽ پ??هنجي طرز عمل سان سبق ڏنو ته بي سهارا ٻارن تي الله ۽ ان جي رسول ﷺ جي ڇانوَ آهي. صدر چيو ته ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت پاڪستان جي لاءِ ??نتهائي اهم آهي، آئون آزادي جي ڏهاڙي جون خوشيون يتيم ٻارن سان ملهائڻ جو خواهشمند هئس. هن چيو ته آزادي جي خوشي جي موقعي تي يتيم ۽ بي سهارا ٻارن سان گڏ آهيون. ٻار اسان جو مستقبل آهن، پنهنجي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏين، ٻارڙين جي تعليم ۽ تربيت خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ٻارڙيون ڀرپور محنت ڪن ۽ پ??هنجو ۽ پ??هنجي ملڪ جو نالو روشن ??ن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڇوڪرين جي تعليم جو اه??ما?? پاڪستان جي لاءِ ??ما?? ضروري آهي، قائداعظم محمد علي جناح عورتن جي برابري جي تلقين ڪئي.