اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي ٻن ڏينهن جي س??ڪاري دوري تي دوحه پهچي ويو آهي، قطر جي ٽرانسپورٽ واري وزير جاسم سيف السليطي دوحه جي هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي دعوت تي قطر جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جو قطر جو دورو پاڪستان قطر ٻطرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي امن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي ت??او?? جي فروغ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزارت عظميٰ سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جي پهر??ن قطر جي دوري جي دوران پاڪستان ۾ زراعت، قابلت جديد توانائ??، هوابازي، انفراسٽرڪچر، سياحت، لائيف اسٽاڪ، کاڌي پيتي جي شين جي درآمدي، صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ قطري سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. قطر جي دوري دوران وزيراعظم قطر جي امير ۽ قطر جي ٻي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو.