جهلم ويلي – 01 R11; سيپٽمبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان جي خصوصي هدايت?? تي سڄي آزاد ڪشمير وانگر جهلم ويلي ۾ به باباءِ حريت (شهيد) سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئ??. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جهلم ويلي آفيس ۾ پڻ تقريب منعقد ڪئي وئ??. تقريب جو خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر جهلم ويلي سيد فدا حسين ڪاظمي هو. تقريب ۾ سپرنٽينڊن?? پوليس جهلم ويلي مرزا زاهد حسين، اسسٽنٽن ڪمشنر بٽيان بالا سيد غلام محي الدين گيلاني، ڊي ايس پي هيڊڪوارٽرز سردار ظهير کانسواءِ ٻين کاتن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ صحافين پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر سيد فدا حسين ڪاظمي سيد علي گيلاني جي آزادي جي جدوجهد جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته سيد علي گيلاني ڪشمير مسئلي جي باوقار حل جو خواهشمند رهيو، هن هر سطح تي ڪشميري?? تي ڀارتي ظلمن خلاف صداءِ احتجاج بلند ڪيو، ان لاءِ هو ڀارتي حڪمرانن جي اکين ۾ کٽڪندو هو، ڀارت طاقتج ي زور تي ڪشميرين کي دٻائڻ جي لاءِ سمورا حربا استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ڪشمير جي حوالي سان راءِ شماري جي لاءِ گڏيل قومن جي قرارداد?? تي عملدرآمد کان مسلسل ڀڄي رهيو آهي.